SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


خود- سهائتا- پاڻ تي ڀاڙڻ


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


خود- سهائتا- پاڻ تي ڀاڙڻ

Self help

سيلف هيلپ

بين الاقوامي تعلقات ۾ ”سيلف هيلپ“ جو اصطلاح حقيقت پسند ۽ خيال پرست نظريي دانن ۾ هڪ جيتري اهميت وارو آهي. بين الاقوامي قانونن ۽ گڏيل قومن جي پڌرنامي جي تفصيلن مطابق، هر جمهوري ملڪ کي سيڪيورٽي ۽ سالميت جي حوالي سان پنهنجي مدد پاڻ تحت قدم کڻڻ جي اجازت آهي. سياسي، معاشي، سماجي ۽ قانوني سڌارا آڻڻ لاءِ هر ملڪ پنهنجي سگهه ۽ صلاحيتن کي استعمال ڪندي، ملڪ کي ترقي وٺرائڻ جو حق رکي ٿو، انهيءَ ڪري چئي سگهجي ٿو ته سيلف هيلپ جو نظريو، رياستن کي پنهنجا مسئلا پاڻ حل ڪرڻ جي صلاحيت ڏئي ٿو. تاريخي لحاظ سان ڏسجي، ته يوناني دور کان ”سيلف هيلپ“ جا مثال ملن ٿا، پر اڻويهين ۽ ويهين عيسوي صدين ۾ صنعتي، سياسي ۽ سماجي انقلاب اچڻ ڪري، ”سيلف هيلپ“ جي حيثيت تمام گهڻي وڌي. هن وقت تائين ان علم جهڙو ڪو ٻيو عنصر بين الاقوامي لاڳاپن ۾ سامهون نه اچي سگهيو آهي، ڇاڪاڻ جو طاقت کي برابر رکڻ لاءِ اتحاد يا گڏيل فوجي اتحاد (مثال: نيٽو) قائم ڪرڻ سان، ”سيلف هيلپ“ جي اهميت بلڪل گهٽ نه ٿيندي، پنهنجي مدد پاڻ ڪرڻ دنيا ۾ هر ملڪ جي بنيادي پاليسي رهي آهي ۽ آئينده به رهندي


Remember Me Also:

ٿڌڪار، ٿڌڪارون

ث. ٿَڌاڻِ. آبهوا جي ٿڌائي. وڻڪار جي ڇانو ۽ پاڻيءَ جي پوسل سببان ٿڌاڻ جي ڪيفيت. اول سياري ۾ هلڪو سيءُ. سيانڊڙو.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal